'سڪندر بلوچ' جون تصويرون
 سڪندر بلوچ جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

سڪندر بلوچ

سڪندر بلوچ: سنڌ جي مشهور براڊڪاسٽر سڪندر بلوچ جو پورو نالـو سـڪـندر خان ولد نٿو خان چانڊيو هو، سندس جنم 15 سيپٽمبر 1940ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ٽنڊي آغا مان، مـئـٽـرڪ نـور محـمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان، بي. اي سٽي آرٽس ڪاليج مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. سڪندر ب.....


سڪندر خان ملڪ

سڪندر خان ملڪ: مشهور سياستدان ۽ سماج سڌارڪ ملڪ سڪندر خان ولد ملڪ سردار خان پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ٿاڻي احمد خان (ضلعي ڄامشوري) ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ خانگي طرح سان پڙهيو. ڪوهستاني علائقي جي ڪيترن ئي قبيلن جي لٺ سرداري ملڪ سڪندر خان جي خاندان جي حصي ۾ آيل هئي. جڏ.....


سڪندر سومرو

سڪندر سومرو: سنڌي پورهيت سنگت جو اڳواڻ سڪندر سومرو، 2 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ حاجي خان سومري تعلقي ميرو خان ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو. اسڪول کي خيرباد چئي، والد سان گڏ دڪان تي سندس هٿ ونڊائيندو هو. ان بعد مزدوريءَ جي سلسلي ۾ ايران ويو، جتي.....


سڪندر عباسي

سڪندر عباسي: مشهور ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ ترجمي نگار سڪندر عباسيءَ جو جنم 13 جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ محمد رمضان عباسيءَ جي گھر ۾ ٿيو. سندس تعليم ماسٽرس آهي. هن 1993ع ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ڪالم روزاني ڪاوش سميت مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آ.....


سڪندر علي مرزا

سڪندر علي مرزا: ناميارو اديب ۽ محقق مرزا سڪندر علي بيگ ’جرار‘، حيدرآباد ۾ ٽنڊي آغا پاڙي جي علمي ادبي مرزا گهراڻي ۾، 5 جنوري 1940ع، جمعي جي ڏينهن تي پيدا ٿيو. قرآني تعليم پنهنجي ڏاڏي مرزا امام علي بيگ کان ورتائين. سندس والد مرزا عباس علي بيگ پڻ سنڌ جو نامور اديب، محقق ۽ تاريخدان هو. سڪندر مرزا ابتدا.....


سميع بلوچ

سميع بلوچ: ناميارو شاعر، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سميع بلوچ، 19 آڪٽوبر 1955ع تي ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سندس پورو نالو سميع الله بلوچ ولد حاجي غلام مرتضي لُنڊ آهي. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ سيٺارجا هاءِ اسڪول مان، انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ فيڊرل ڪاليج اسلام آباد مان ۽ ايم. .....


سڪندر آفتاب خضر

سڪندر آفتاب خضر: نئين ٽهيءَ جي شاعر ۽ چترڪار، سڪندر آفتاب خضر ولد قاضي خضر حيات، 18 ڊسمبر 1975ع تي، رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس تعلق هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي. سڪندر آفتاب ابتدائي تعليم نوابشاهه ۾ ورتي. بعد ۾ هن بي. اي سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هو گورنمينٽ هاءِ اسڪو.....


سڪندر سرواڻ

سڪندر سرواڻ: شاعر، صحافي ۽ ڊرامانگار، سڪندر سرواڻ جو اصل نالو سڪندر علي ولد ڪوڙو خان سومرو آهي. هن 22 جون 1957ع تي ڳوٺ هيري خان لغاري، تعلقي جوهيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ويجهڙائيءَ ۾ مڊل اسڪول جي سهولت نه هئڻ ڪري پڙهڻ ڇڏي هڪ سال تائين درزڪو ڪم وڃي سکيو. .....


سڪندر منڌرو ڊاڪٽر

سڪندر منڌرو، ڊاڪٽر: ناميارو سياستدان ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ولد ٺارو خان منڌرو، 7 جولاءِ 1943ع تي بدين ۾ ڄائو. هن پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي، ايم.بي.بي.ايس ۽ ايم.سي.پي.ايس جون ڊگريون حاصل ڪيون. ڊاڪٽر سڪندر منڌري جو ابتدا کان وٺي پاڪستان پ.....


سونا خان بلوچ

سونا خان بلوچ (فنڪار): سونا خان بلوچ جو شمار سنڌ جي پراڻن ۽ مايه ناز فنڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس آواز نهايت سريلو ۽ پرڪشش سوز ۽ درد سان ڀريل هو. هن 1933ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، انٽر تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ماتا جي بيماريءَ سبب سندس اکين جي روشني ڪمزور ٿي وئي، پر ان هوندي به همت سان پنهنجي پڙهائي جاري رکيا.....


اشرف بلوچ

اشرف بلوچ: اداڪار، اسٽيج آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر اشرف بلوچ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ سچل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهيو. 1984ع ڌاري ڪاليج ۾ هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ حصو ورتائين. فيروز الدين ’احساس‘، بلاول پرديسي، بشير احمد سندس استاد هئا. ريڊيو تي پروڊيوسر انور بلوچ سندس آواز جو امتحان وٺي کيس سنڌي ڊراما آرٽسٽن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو. سند.....


 پوئتي   1   2   3   4  5  6   7   8   اڳتي